ڪملا گوڪلاڻي ڊاڪٽر

ڪملا گوڪلاڻي، ڊاڪٽر: ڪھاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي 16 جون 1950ع تي اجمير راجسٿان ۾ نارائڻداس ڌنجاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (هندي 1976ع، راجسٿان يونيورسٽي)، پي. جي ڊپلوما (جرنلزم 1980ع، راجسٿان يونيورسٽي)، ايم. اي (سنڌي 1982ع، بمبئي يونيورسٽي)، ايم. ايڊ (1990ع، ايڇ. پي يونيورسٽي، شملا) ۽ پي. ايڇ. ڊي (سنڌي ادب 1993ع، بمبئي يونيورسٽي) آهي. سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي جو عنوان ’سنڌي ڪوتا ۾ قدرت جو چٽ‘ آهي. ڊاڪٽر ڪملا استاد طور 1980ع کان پڙهائڻ شروع ڪيو، جتان ليڪچرر طور 2010ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي، جيڪي اُتان جي مقامي رسالن ۾ ڇپيون. اُن بعد هن مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکيا. ڊاڪٽر ڪملا جا هن وقت تائين 16 طبعزاد ۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. طبعزاد ۾ گهڻو تعداد سنڌي ڪتابن جو آهي. ان کانسواءِ هن ديوناگريءَ ۾ به لکيو آهي. سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
ڇپيل ڪتاب: حادثي کان پوءِ (ڪھاڻيون: 1984ع)، راجسٿان جي سنڌي ساهتيه جو جائزو (تنقيد: 1985ع)، فيصلو ٿيڻ تائين (ڪھاڻيون: 1986ع)، هوندا سي حيات (بايوگرافي: 1987ع)، نظر ثاني (تنقيد: 1989ع)، درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب (1991-95ع) ڇھين کان اٺين تائين. مخرت مئون (هندي ڪھاڻيون: 1992ع)، ڊائريا جو سچ (تنقيد: 1993ع)، نظرثاني (ٻيو ڀاڱو: 1995ع) اظھار (ادبي مضمون: 1996ع) ادبي تاثرات (تنقيد: 1998ع)، سنڌي ساهتيه ۾ سمپراديڪ سدڀاو (تحقيق: هندي: 1999ع)، سنڌي ڪوِتا ۾ قدرت جو چِٽ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز:2001ع)، ادبي ڪٿ (تنقيد: 2002ع)، سائو ٿيل گاهه (ڪھاڻيون: 2003ع)، شاهه جو شعر (ادبي تنقيد: 2007ع)، ساهتيڪ ڪھاڻيون (درسي ڪتاب: 2007ع)، اولھه راجسٿاني ۽ سنڌي (ادبي تنقيد: 2010ع)، توم نه اڪيلي (ديوناگري شاعري: 2011ع)، سائو ٿيل گاهه (ديوناگري ڪھاڻيون: 2012ع)، متان ڪرين ماٺ (ديوناگري ۽ سنڌي ڪھاڻيون: 2014ع) اهم جاءِ والارين ٿا. ان کانسواءِ ترجمي ۾: اپني اپني وواسٿا (ڪھاڻيون: 1987ع، سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، سنڌي ڪوِتا ۾ ويدانت (تحقيقي مقالا: 1993ع، سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، ڪبير رچناولي (2004ع، هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو.)، سنڌ ڪھاڻي ڪي. آر ملڪاڻي (تاريخ: 2005ع، انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو)، سنت ڪبير (2011ع، هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو)، شھيد هيمون ڪالاڻي (2012ع) سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، سماجي، سائنسي ۽ مئٿميٽڪس درسي ڪتاب، (سنڌيءَ مان هندي ۽ هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو).
ان کانسواءِ سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، شاعري، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون سنڌ ۽ هند جي مشھور مخزنن: رچنا، ريحان، سنگيتا، ڪونج، ڪينجهر، ڪلاچي، نظرانا ۽ ادبي چمن ۾ ڇپجي چُڪا آهن. پاڻ ادبي مئگزين ’رچنا‘ جي ٽي سال ايڊيٽر، ’ريحان‘ جي ڇھه سال ايڊيٽر رهي آهي. وردائي هندي ادبي جرنل جي پنج سال ايڊيٽر، جي. ايس. اي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جي پنج سال انچارج رهي. ’آتم درشن‘، (هندي ۽ سنڌي) جي 1998ع کان لڳاتار ايڊيٽر آهي. ڊاڪٽر ڪملا مختلف ادارن جي ڪميٽين جي ميمبر پڻ رهي آهي، جن ۾: راجسٿان سنڌي اڪيڊمي، جئپور، سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه پرچار سڀا، ساهتيه اڪيڊمي، نيو دهلي، ميمبر آف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ فنانس ڪميٽي نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج، ايگزيڪيوٽو ميمبر ۽ چيئرپرسن ايڊيوڪيشن ونگ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا بمبئي. چيئرپرسن آل انڊيا سنڌي مھيلا سماج سرسوتي سڀا راجسٿان ساهتيه اڪيڊمي، اُڌيپور، بورڊ آف اسٽڊيز-سنڌي (B.S.E., Rajasthan) 1992 کان 1993ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 2009 کان 2012ع تائين، ماهر، نصاب ڪميٽي سنڌي (R.A.S. Exams of R.P.S.C) اجمير، 1994ع کان اُڌيپور، بڙودا، جوڌپور ۽ گجرات يونيورسٽيون شامل آهن. ان کان علاوه آل انڊيا ريڊيو جي براڊ ڪاسٽر ۽ ٻين ڪيترن علمي ادبي ادارن جي ميمبر رهي. علمي ادبي خدمتن جي اعتراف طور لاتعداد اوارڊ، شيلڊون ۽ انعام مليل اٿس، جن ۾: بيسٽ رائيٽر آف راجسٿان اوارڊ، (ٽي ڀيرا راجسٿان حڪومت)، هرومل سدارنگاڻي نيشنل گولڊ ميڊل ادبي مڃتا اوارڊ (1995ع)، راجسٿان جي پھرين سنڌي عورت ڊاڪٽريٽ جي اعتراف طور اين. سي. پي. سي. ايل پاران 50 هزار رپيا قومي اوارڊ (چيف منسٽر راجسٿان هٿان)، آل انڊيا سنڌي جرنلسٽس ايسوسيئيشن اندور پاران 1995ع ۾ جرنلزم اوارڊ، ڪھاڻين جي مجموعي ’اظھار‘ تي حڪومت پاران 15 هزار روڪ انعام 1999ع، ڪبير رچناولي شاعريءَ جي سنڌي مان هندي ترجمي تي ساهتيه اڪيڊمي گورنمنٽ آف انڊيا پاران بھترين ترجمي جو 20 هزار رپيا روڪ انعام شامل آهن. ثقافت کاتي هند پاران ”سنڌي آتم ڪٿائن جو اڀياس“ موضوع تي ٻن سالن لاءِ هوءَ سينئر فيلوشپ منظور ٿيل آهي. ڊاڪٽر ڪملا هن وقت اجمير ۾ رهائش پذيرآهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.06.16  عيسوي

ڪھاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي 16 جون 1950ع تي اجمير راجسٿان ۾ نارائڻداس ڌنجاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روميلا ٿاپر
خدابخش مري جسٽس
حڪيم غلام رسول لاکو
اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
شنبو امير
عزيز قاسماڻي
جبريل بن بختيشوع
شهروز سبزواري
شورو ڄام خان
درويش زڪريا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون